اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري بشريٰ بي بي کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ۽ ادارن جي خلاف مهم جو ماسٽر مائنڊ هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آ??ي، بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ۽ ڪوڙي بيانيي جي سربراهه آهي، فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري تسليم ڪيو آهي ته آڊيو بشريٰ بي بي جي آ??ي ۽ سياسي مخ??لفن کي غداري ساان لنڪ ڪرڻ بشريٰ بي بي جو Opinion آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادارن جي خلاف مهم بشريٰ بي بي هلائي رهي آ??ي، ثابت ٿي ويو آهي ته گ??دي زبان وارن ترجمانن کان غيراخلاقي پريس ڪانفرنس ب??ريٰ بي بي ڪرائي رهي آ??ي. هن چيو ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ لڪي غداري، ٻاهرئين سازش جي بيانيي، قومي ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي رهي آ??ي. هن چيو ته سياسي مخ??لفن کي غداري سان لنڪ ڪرڻ ۽ گارگند جي اڳيان پٺيان بشريٰ بي بي آ??ي. هن چيو ته ادارن جي خلاف ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آ??ي، بشريٰ بي بي پنهنجي تاريخي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش ۽ غداري جو بيانيو گهڙيو، بشريٰ بي ب?? سياسي مخ??لفن، صحافين ۽ ادارن جي خلاف گارگند ڪرائي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ تسليم ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ غداري جا پرچا ڪٽرايا. ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڪوڙي بيانيي جا چيمپئن آمريڪا کان معافيون گهر??دي ۽ منٿون ڪ??دي پڪڙيا ويا آهن. هن چيو ته عمران صاحب Bygones are bygones جا معافي ناما آمريڪا پهچائي رهيو آهي.