اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت ??زي??اعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??زي??اعظم جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طور تي ??زي??اعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو?? چيچن صدر تازي روس جي دوري دوران ??زي??اعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ ??زي??اعظم جي لاءِ هر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمان??رد??ر انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اس??ن هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي ايندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.