اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دو??ان پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بح??ان ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اقتصادي صورتحال ۽ عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خا?? معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دو??ان پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بح??ان ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح?? ۾ ??امل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خا?? طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.