اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ش??با?? شريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدا آهن، ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ايندڙ اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو، بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پارلياماني بورڊ جو ??جل??س ٿي رهيو آهي، بلدياتي چونڊن جي حوالي سان بااختيار نظام ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار فرخ حبيب صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پنهنجي ضلعي ??نظيمن کان پڻ تجويزون ورتيون وينديون، منڊي به??ءُ الدين جو جلسو ڪامياب رهيو، عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ضلعي ??رقياتي بجيٽ ڏني وئي آهي، آصف زرداري ۽ ش??با?? شريف جي ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، ش??با?? شريف ۽ زرداري ڪرپشن جا وڏا سائنسدان آهن. فرخ حبيب چيو ته ملازمن جي اڪائونٽس ۾ ايندڙ اربين رپين جو حساب ڏيڻو پوندو.