بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ سرمائي اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ حصيداري کي وسيع پئماني تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لا??ِ عملي قدم جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ، خاص طور تي تاريخي ٻطرفي ٽرانزٽ ٽريڊنگ ايگريمينٽ (يو پي ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جي مڪمل ح??اي?? کي پڻ ورجايو ۽ ايندڙ مهينن ۾ ان تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لا??ِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفن ۽ عوامي سطح تي ??اب??ن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لا??ِ وزيراعظم سياحت کي وڌائڻ، سڌوسنئون اڏامن جي بحالي لا??ِ هر ممڪن قدم کڻڻ، بئنڪنگ ??اب??ن کي مضبوط ۽ ويزا جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بابري ورثي بابت گڏيل فلم ۽ ازبڪ زبان ۾ پاڪستاني ڊرامن جي ڊبنگ سميت گڏيل تحقيق ۽ ميڊيا منصوبن تي اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استح??ام جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغان صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لا??ِ عالمي برادري پاران افغانستان جي لا??ِ اقتصادي ۽ انساني امداد جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عملي ??اب??ن جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان علائقائي استح??ام سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر ۽ ??اب??ن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لا??ِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري تي سندس استقبال جي منتظر آهي. ٻنهي ڌرين دوري جي ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.