اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع ت??ئي?? ملڪ مان ٽي بي جي خاتمي جو هدف پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ??ي بي جي مرض جي وقت سر تشخيص سان علاج ممڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ميڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عالمي ادارن جي نمائندن، پارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج موجود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي جنهن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد ت??ئي?? ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستا?? ۾ ??ه پوليو تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چيو ته عالمي ادارن ٽي بي جي خاتمي لاءِ وڏو تعاون ڪيو، صحت ڪارڊ غريبن جي لاءِ وڏي نعمت آهي. صدر چيو ته چين ڪروڙين ??اڻ??ن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، اميد آهي ايندڙ ??الن ۾ ٽي بي جي مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ادارا ڪوشش?? ۾ ??عاون ڪري رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بن??ئي??دي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ??يڊيا بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ??اضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو جنهن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي جلد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چيو ته ٽي بي بابت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائق?? ۾ ??هندڙ ??هرين ت??ئي?? پڻ پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي، ان سان وڏي انگ ۾ ??اڻ??ن کي ٽي بي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ??اڻ??ن کي ٽي بي جي مريضن جي ذريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، ??اڪستان ۾ گذريل سال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سال ٽي بي جي مريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري محمد بشير کيتران، اداڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ??ڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. صدر تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.