اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائو??سل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد ??زيراعظم کي بزنس ڪائو??سل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌن??ڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.