اسڪردو – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪردو ??يئرپورٽ جي انٽرنيشنل آپريشن لاءِ توسيع ۽ اپ گريڊيشن جي ڪم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ جڏهن پهتو ته گلگت بلتستان جي روايتي لباس پاتل ٻ?? معصوم ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو، ان موقعي تي هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد ۽ ٻيا به موجود هئا.
وزيراعظم ان موقعي تي جگوٽ اسڪردو ??وڊ جي تختي جي نقاب ڪشاي ڪري ان جو افتتاح به ڪيو جڏهن ته وزيراعظم کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ڏني، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد وزيراعظم کي جگوٽ اسڪردو ??وڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني.