اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غازين ۽ شهيد ٻارن جي والدين کي مايوس نه ڪنداسين، تشدد ۽ ان کي هٿيار طو?? استعمال ڪندڙن کي هر گ?? برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردن 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ 132 ??ارن سميت 140 ماڻهن کي شهيد ڪ??و. هن چيو ته پاڪست??ن ڪاميابي سان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي، پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته غازين ۽ شهيد ٻارن جي والدين کي مايوس نه ڪنداسين، تشدد ۽ ان کي هٿيارطور استعمال ڪندڙن کي هرگ?? برداشت نه ڪيو ويندو.