اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آ??ين جي آرٽيڪل 175 تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اضافي ججن جي مقرري ڪري ڇڏي، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بئريسٽر سردار اعجاز اسحاق خان ۽ ارباب محمد طاهر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر سمن ر??ات امتياز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج طور تي مقرري جي منظ??ري به ڏني آهي، ڊاڪٽر عارف علوي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن تي نالن جي منظ??ري ڏني آهي.