اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته سخت قانون، انهن تي عملدرآمد، فوري انصاف، معاشري جي بدعنواني جي خلاف عدم برداشت، خدا خوفي ۽ ميڊيا جي ذريعي آگاهي سان بدعنواني تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آه??.
اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ”ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان قوم جو فخر“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بدعنواني جي خلاف نيب آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. نيب آفيسر ڪردار جي پختگي سان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن. هن چيو ته 6 عملن سان بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهج?? ٿي. بدعنواني جي روڪٿام لاءِ قانونسازي سان گڏ قانونن تي عملدرآمد جي ضرورت آه??. صدر چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري ۽ عدالتن ۾ تيزي سان انصاف جي فراهمي سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهج?? ٿي. هن چيو ته انسان ۾ خدا جو خوف ڏوهه ۽ بي ايماني کان روڪيندو آه??، اسلامي تاريخ ۾ به امانتداري جي تلقين ڪئي وئي آه?? ۽ اهو اسلام جو بنيادي پيغام به آه??. اهڙي طرح معاشري کي به بدعنواني کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. معاشري جي تنقيد ۽ دٻاءُ سان به بدعنواني ۾ گهٽتائي آڻي سگهج?? ٿي. معاشري کي بدعنواني خلاف عدم برداشت جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.
صدر چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي جاچ ڪرڻ وڏو چئلينج آه??، بدعنواني جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آه??، اسلام ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا ٻنهي کي جهنمي قرار ڏنو ويو آه??. هن چيو ته بدعنواني کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آه??، ميڊيا عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نيب بدعنوان عنصرن کان 821 ارب روپيا وصول ڪيا آه?? جيڪا نمايان ڪارڪردگي آه?? تنهن هوندي به بدعنواني روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آه??. هن چيو ته ماضي ۾ بدعنواني ۾ مسلسل اضافو ٿيو، مختلف طريقن سان مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ڪجهه ملڪن چوري ۽ مني لانڊرنگ جي پئسي مان ڪاروبار ڪرڻ جي سهولت ڏني، پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن مان لُٽيل دولت ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وئي.