اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان ??و مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ??حريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان ??لي ساهي سان ملاقات دوران ڳا??ها??يندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. افنان ??لي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.