اسلام آباد – 12 8211; نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاشي مدد تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. و??ير??عظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ و??ير??عظم شموليت، انساني حقن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. و??ير??عظم گڏيل خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي معاشي مدد تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. و??ير??عظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.