اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي ه?? منصب اليگزينڊر شيلن بر?? سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سي??پڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل ت??انائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سي??يورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پاڪستان ۾ سي??پڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير آسٽرين ه?? منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.