اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت روزگار جي فراهمي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? و??ير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ترقي خوش آئنده اهي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هلڻ سان ملڪ ۾ روزگار جا مو??عا پيدا ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏن?? و??ي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي زون جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليسي بابت پڻ بريفنگ ڏن?? و??ي.