اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ملڪ ۾ ٽي??نالاجي جي منتقلي ??ي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي ??ان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي ??صغر جمالي ??ان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيرا??ظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي ??ان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيرا??ظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي ??ان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽي??نالاجي جي منتقلي ??ي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي ??ان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.