لاهور ??? 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پا??ٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جه??ڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخالف ڌر پا??ان ڪنهن به معاملي تي س??جي??ه تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان رابطو بڻائڻ گهرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخالف ڌر پا??ان ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخالف ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخالف ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پا??ٽين جي اندر ويڙهه جاري آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جه??ڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر پا??ان ڪا س??جي??ه ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌارا، ڪا قانونسازي هجي مخالف ڌر پا??ان س??جي??ه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.