اسلام آباد – 09 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ??وٽ?? به پوکيندو. ان کانپوءِ ??زيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.