اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪش??ير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زر??ار?? جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپلزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پئسو ٺاهي و??نداسين، پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ڪش??ير ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏه?? جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.