اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب ??پين ج?? وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪ??ي 12.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ارب ??پيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب ??پيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل 6395 ارب ??پين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، مجموعي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب ??پيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرام جي لاءِ 660 ارب ??پيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سم??ت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي وار?? وفاقي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.