اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثا?? نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي ف??وغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فور?? طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ سي پيڪ منصوبن تي ا??ڀر??ئي ۽ سيڙپڪاري جي ف??وغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪا??ي، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فور?? طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.