اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 104 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ 3 هزار 256 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ ج?? چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 58 سيڪڙو، پشاور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آ??ن. اهڙي طرح ملڪ ج?? چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 60 سيڪڙو مريض آ??ن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 771 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 41، پنجاب ۾ 16 هزار 51، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 198، اسلام آباد ۾ 2 هزار 814، بلوچستان ۾ هڪ هزار 521، گ??گت بلتستان ۾ 342، آزاد ڪشمير ۾ 804 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 99 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 567 مريض آ??ن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 371 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 86 هزار 184 آهي.