اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پ??ڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مزدورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿ??. مزدورن جي عالمي ڏ??نه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پهرين مئي پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي علا??ت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏ??نه?? اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پ??ڪستان ۾ جلد مزدور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿ??.