اسلام آباد-15 مارچ (اي پي ??ي) تعليم ۽ پيشوراڻي تر??يت بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چون??ن کي يقيني بنائڻ لاءِ موجوده اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ڏئي، نئين اليڪشن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. سومر ڏينهن اهڙو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر شبلي فراز ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري به موجود هئا. شفقت محمود چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن کي به اعتماد ناهي رهيو.