اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز، وزيراعظم عمران خان جي ڊيجيٽل مي??يا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجيٽل مي??يا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽ?? شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل مي??يا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي ره??و آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل مي??يا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل مي??يا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجيٽل مي??يا صنعت تيزي سان پکڙجي ره?? آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل مي??يا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل مي??يا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزيراعظم کي ڊيجيٽل مي??يا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل مي??يا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل مي??يا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل مي??يا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.