اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگ?? و??پار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائ??وي?? حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار وار?? و??ارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاق?? و??يرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، ??زيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.