اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ?? خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي خلاف ورزين ۽ ان جي خطي تي منفي اثرن تي به ڳاله?? ٻولهه ڪئي وئي.