پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته اي پي ا??س پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ا?? افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ا??لين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي ا??م قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت ج?? شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پشاور ا??سٽ??ٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي ا??تتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.