اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته قوم شهداءِ پوليس ??هاڙي جي موقعي تي پوليس جي بهادر شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لا??ِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ انهن فرزندن تي اسان کي فخر آهي. ??ن چيو ته ڏوهاري ۽ سماج دشمن عنصرن جي خلاف برسرپيڪار انهن بهادرن کي اسان جو سلام آهي.