اسلام آباد – 14 جون (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ٽيليفون ڪئي ۽ بج??ٽ اجلاس جي لاءِ پارلياماني معاملا بهتري?? ا??داز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏني، ڳالهه ٻولهه دوران اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ رائٽ جي لاءِ قانونسازي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به شفاف ووٽنگ سسٽم تي زور ڏنو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني ق??مت?? اثاثو آهن، فيصلاسازي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.