??اه??ر – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪ??مت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، ها??ي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. هو ??اه??ر پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.