اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ ??اڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ??ريعي لفظ مدي ۾ ??اڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وف??قي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ ??اڌ جي فيصلي جي مڪمل حم??يت ڪري ڇڏي آهي. وف??قي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وف??قي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.