اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سع??دي عرب پاران 3 ارب ڊالرن جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جي آجيان ڪ??دي چيو آهي ته سع??دي عرب جي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سع??دي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا خاص ط??ر تي ٿورا مڃون ٿا. شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان سان محبت جي سچي دل سان قدر ڪر??ون ٿا. هن چيو ته سع??دي عرب هڪ ڀيرو ??يه?? وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان سان پنهنجي بي مثال محبت جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم چيو ته سع??دي عرب جي قدم سان پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان جي معاشي پاڻڀرائپ اولين قومي ايجنڊا آهي جنهن جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي.