فيصل آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ??ائ??نسل جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ۽ اتحاد بين السلمين ڪميٽي پنجاب جي صوبائي ميمبر علامه طاهر حسن چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي آزادي ۽ ڪ??ميرين جي خ??دمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ جيس??ائ??ن ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي ۽ اه?? آزاداڻي طور تي پنهنجي زندگي گذارڻ جي قابل نه ٿا ٿين ان وقت ??ائ??ن اسان شيهي جي ديوار وانگر انهن سان گڏ موجود ۽ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سميت انساني حقن جي بدترين خلاف ور??ين کي هر پليٽ فارم تي اٿاريندا رهنداسين ته جيئن هيومن رائيٽس جي نام نهاد چيمپيئن انڊيا جو اصل مڪروهه چهرو ڏسندي مظلوم ڪشميرين جي مدد لاءِ اڳتي وڌي سگهن.