اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمرا?? خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمرا?? خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جمهوريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غير??رڪ??ري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ??لڪ?? جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمرا?? خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.