اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي، اڳوڻي حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ته ڏني پر ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا، پهريون رمضان جو مهينو آيو آهي جنهن ۾ اٽي تي ڪا سبسڊي نه ڏني وئي، اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهُون ان لاءِ اوگرا جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ??مري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾ منعقد افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن آئل اينڊ اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 21 رپيا ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 50 رپيا اضافي جي ??مري رد ڪندي چيو ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته گذريل حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو اعلان ڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا. هن چيو ته اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون. وزير??عظ?? چيو ته پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ گذريل حڪومت اٽي تي به سبسڊي نه ڏني. وزير??عظ?? چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اتحاد پنهنجي ڏينهن رات جي ??دوجهد سان عمران احمد خان نيازي کي شڪست ڏني، حڪومت ۾ شامل پارٽين جو اتحاد مشاورت سان اڳتي وڌندو. هن چيو ته گذريل حڪومت جو ٺاهيل ڍانچو واريءَ جي ڀت وانگر ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? چونڊجڻ تي اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهندو ۽ انهن جي ??ڪن جا مسئلا حل ڪندو. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، ڪابينا جي ??روعاتي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو ج??هن ته ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جي وڌيڪ وزيرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف چيو ته وزير??عظ?? هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سمورن صوبن جي ??فيسرن کي هتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملندو. هن ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير??عظ?? جي ??ستعيفائن جي ??مري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. افطار ڊنر ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد جي ??ڳواڻن مولانا فض?? الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، محمود خان اچڪزئي، محسن داوڙ، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.