لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آه?? ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاه?? لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊي?? ونگ مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاه?? لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پناهگاهون تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاه?? لاهور جون اهم خاصيتون آهن.