اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي ڪمپنين کي پاڪس??ان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪ??ڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چ??ف ايگزيڪيٽو آفيسر ??ان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جا نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪس??ان ۾ ڪاروبار قائم ڪ??ڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاح??ار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.