ملتان – 19 ̵1; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد م??لا?? النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد م??لا?? النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻا??ري?? خطرن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد م??لا?? النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العا??مي?? انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.