اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت کين بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ کي هڪ انٽرويو ۾ چئي،
اهو تفصيلي انٽرويو اڄ ڇنڇر تي جاري ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ا??ان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپن ??ان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت انهن کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاي وزيراعظم جي سياسي ??عاملن واري خاص مددگار ڊاڪٽر ??هب??ز گل پاران جاري ٽوئيٽ موجب وزيراعظم جو ٽي آر ٽي ورلڊ کي خصوصي انٽرويو اڄ ڇنڇر ??ين??ن صبح تقريبن 11 وڳي نشر ڪيو ويندو.