اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڪيلي افعانست??ن جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويندو، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانست??ن جي پاڙيسري ??لڪ?? جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانست??ن جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو، افغان حڪومت کي يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو، افغانست??ن جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان نه ڳنڍڻ گهرجي، افغانستان ۾ 40 سالن ک??ن جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي، اميد آهي ته افغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، هن وقت ڪير ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اڃا تائين ٺوس حڪومت ناهي ٺهي سگهي جڏهن ته اڳڀرائي جي اميد آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو. هن چيو ته اميد آهي ته افغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، طالب??ن جو چوڻ آهي ته اهي عورتن کي مرحليوار قومي ڌارا ۾ شامل ڪندا، اسلام ۾ عورتن جي حقن تي خاص زور ڏنو ويو آهي، افغان عورتون بهادر آهن، ??نهن کي وقت ڏنو وڃي اهي پنهنجا حق پاڻ حاصل ڪنديون. هن چيو ته افغانست??ن جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان ڳنڍڻ نه گهرجي، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويندو. هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن ک??ن جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانست??ن جي پاڙيسري ??لڪ?? جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورن اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان اڪيلي افغانست??ن جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان اڳ طالبان کي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو، افغان حڪومت کي اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي.