دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم سان اسان جُون ڪيتريون اميدون جڙيل آهن، اسان جو بنيادي معاشي نڪتو وچ ايشيائي رياستن سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ا??لاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳ??له??ئيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان هن خطي ۾ علائقائي تعاون چاهيون ٿا، اسان ان موقعي تي افغانستان جي مسئلي تي ڳ??له??ئڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اميد آهي ته اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن افغانستان به هن سربراهي ا??لاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو.