اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ا??لي?? ت??لي?? جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ ا??لي?? ت??لي?? کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ا??لي?? ت??لي?? جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ت??لي?? واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چي??رمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ ا??لي?? ت??لي?? جي فروغ لاءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ا??لي?? ت??لي?? جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ ا??لي?? ت??لي??ي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن ت??لي??ي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ا??لي?? ت??لي?? جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي ت??لي??ي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.