اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انت??اپ??ندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلما??ن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي ??وا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آه??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزي??اع??م چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزي??اع??م بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.