اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ي??ين?? بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ عوام کي انهن غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوال?? سان خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوال?? سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ منظوري جي حوال?? سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراه??ي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لو?? اسيسمنٽ ۽ لو?? ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترميمون ڪيون ويون آهن.