اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي ت??ليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چي?? آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي ق??مي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي ت??ليم پورٽل جو افتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات واري وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو آهي. ان سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چي?? ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري ت??ليمي عمل به متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چي?? ته تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم جي سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چي?? ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده آهي. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري ت??ليم پهچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي ت??بيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي ت??ليمي معيار ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چي?? ته هڪ جهڙو نصاب تعليم واري وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آهي. ان سان هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني ت??ليم پڻ تمام ضروري آهي. وزيراعظم چي?? ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي ت??ليمي نظام کي ت??اهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي ت??ليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چي?? ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري رهندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ت??ليم پورٽل جي ت??ويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت سان حصيداري ڪري رهيو آهي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي ت??ليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.