اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس ??ي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس ??بب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان ??نڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خي??رپ??تونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آباد ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪش??ير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ??بب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.