اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاو?? ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي و??ندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاو?? ڀٽو پنهن??ي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻ??ي وئي آهي، م??ال?? ڌر ڪن کولي ٻڌي و??ي انهن کي اين آر او نه ملندو، م??ال?? ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چيو ته بلاو?? ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاو?? ڀٽو زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ملڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي و??ندا.