لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئ?? وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم پلاننگ ڪئ?? ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ ص??يح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترقي ڪئ??، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور و??جهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم بزنس پارڪ جهڙو ??نصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو رخ ص??يح آهي اسان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترقي ڪئ?? پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.