اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽ??رف ۽ ملڪ ۾ گئس جي قيمتن جي تعين جي نظام بابت معاملن ت?? غور ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، پرويز خٽڪ، ڊاڪٽر فهميده مرزا، امين الحق، اسد عمر، عمر ايوب خان، مي??ن محمد سومرو، صلاحڪارن ڊاڪٽر حفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا ج?? وڏو وزير محمود خان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نديم بابر، شهزاد قاسم ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ڪي اليڪٽرڪ بابت ٽيرف ۾ اضافي جي تجويز ت?? غور ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري ۾ نيپرا ج?? سفارشن موجب سڄي ملڪ ۾ ٽيرف ۾ اضافو ڪيو ويو هو تنهن هوندي به ڪي اليڪٽرڪ جي ٽ??رف ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري وفاقي حڪومت کي سراسري ٽ?? کان چار ارب روپيا ??اه??ار جي سبسڊي ڏيڻي پئجي رهي آهي،